سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ سميت ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنهور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪ جي خوشحالي جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا، اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون وينديون.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سڄي صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي ساراهه ڪئي، ڪريڪ ڊائون دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي تعريف ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آهن، ساڻن ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن.
هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ٽيڪس چوري ڪندڙن خلاف ڪاررواين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندو ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شروعاتي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا، منشيات خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آهن، لاڳاپيل ادارا هر وقت سهڪار ڪن، منشيات وڪرو ڪندڙن جي پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن مضبوط ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بائيو ميٽرڪ تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.
ايڪسائيز کاتي سان لاپاڳيل سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


