تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ  وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي ملٽري ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ  وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي ملٽري ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته سلمان اڪرم راجا جي مددگار وڪيل رانا وقار عدالت کي ٻڌايو ته سلمان اڪرم راجا ٽريفڪ جي ڪري عدالت نه پهچي سگهيو ۽ سپريم ڪورٽ پهچڻ لاءِ صرف هڪ رستو، مارگلا روڊ کليل هو. ان تي جسٽس جمال مندوخيل ايڊووڪيٽ رانا وقار سان ڳالهائيندي چيو ته خواجه حارث پهچي ويو آهي، باقي ماڻهو به پهچي ويا آهن، توهان به پهچي ويا آهيو، جيڪڏهن سلمان اڪرم راجا اڌ ڪلاڪ اڳ اچي ها ته هن وقت هتي هجي ها، لڳي ٿو ته وڪيل چاهين ٿا ته ماڻهو جيل ۾ سڙندا رهن، ٺيڪ آهي، جيڪڏهن وڪيل اهو نٿا چاهين ته پوءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو. جسٽس امين الدين خان پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪيس جي ڌر جي وڪيلن مان ڪو به دليل ڏيڻ چاهي ٿو ته هو ائين ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن وڊيو لنڪ تي ڪيس جي ڌر جو وڪيل آهي ته هو دليل ڏئي سگهي ٿو. جنهن تي عدالتي عملي ٻڌايو ته وڊيو لنڪ تي به ڪو وڪيل موجود ناهي، جنهن تي عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏينداسين. بعد ۾ عدالت مختصر حڪم جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سڏيو ويو، سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ موجود نه هو، جنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون