- Advertisement -
سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي ۾ مهمان قتل ٿي ويو آهي.
کڏهر ٿاڻي جي حد ۾ مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو.
ڊي ايس پي عبدالستار ڦل جو چوڻ آهي ته ڳوٺ بکو مهر ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هٿياربندن مهمان ٿي آيل احسان شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ ڄڻي جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا.
گلڻ مهر ۽ ولي محمد جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين 16 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
