- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ فائونڊيشن وچ ۾ حفاظتي ٽڪن، خوراڪ ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس وچ ۾ ملاقات ٿي.
بل گيٽس پنجاب ۾ وڏي وزير طور شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽڪن ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري پروگرام جي ساراهه ڪئي ۽ اهڙي عمل کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ جي تجويز ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف، بل گيٽس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس جي خط تي سندس ٿورا مڃيا.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ فائونڊيشن وچ ۾ حفاظتي ٽڪن، خوراڪ ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، بل گيٽس کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي مضبوط ڀائيواري يقيني بڻائي ويندي.
بل گيٽس جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽڪن ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جا پروگرام بهترين انداز ۾ مڪمل ٿيا- Advertisement -
