تازه ترين

پنجاب خاص طور لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ساراهه جوڳي آهي : شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پنجاب خاص طور لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ساراهه جوڳي آهي، لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي جيان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي، پنجاب جا ماڻهو روايتي سياست ۽ پارٽين کان تنگ اچي چڪا آهن، پنجاب جا ماڻهو نفرت، ورهاست ۽ ڏڦيڙ جي نه تعميري سياست چاهن ٿا، ماڻهن کي الزام بازي ۽ ماضي جي سياست ۾ هاڻي ڪابه دلچسپي ناهي، عوام سنجيده سياست ۽ نئين قيادت طرف ڏسي رهيو آهي، عوامي مسئلن جو حل رڳو پ پ جي 10 نڪاتي ايجنڊا ۽ منشور ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پنجاب خاص طور لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ساراهه جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي جيان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته پنجاب جا ماڻهو روايتي سياست ۽ پارٽين کان تنگ اچي چڪا آهن، پنجاب جا ماڻهو نفرت، ورهاست ۽ ڏڦيڙ جي نه تعميري سياست چاهن ٿا. هن چيو ته ماڻهن کي الزام بازي ۽ ماضي جي سياست ۾ هاڻي ڪابه دلچسپي ناهي، عوام سنجيده سياست ۽ نئين قيادت طرف ڏسي رهيو آهي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته عوامي مسئلن جو حل رڳو پيپلزپارٽي جي 10 نڪاتي ايجنڊا ۽ منشور ۾ آهي، ماڻهو 8 فيبروي تي واضح اڪثريت سان پ پ کي ڪامياب ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
58 %
1.9kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون