پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي  بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي  بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. ذريعن موجب عدالتي عملي پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد رانا اڄ جمعي ڏينهن ساڍي يارهين وڳي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندو. ياد رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 3 ڀيرا ملتوي ٿي چڪو آهي. 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي احتساب عدالت فيصلو 18 ڊسمبر 2024 تي محفوظ ڪيو هو، احتساب عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ پهريان 23 ڊسمبر ۽ ان کانپوءِ 6 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي. عدالت ٽيون ڀيرو 13 جنوري جي تاريخ ڏني، ان ڏينهن به فيصلو نه ٻڌايو ويو ۽ ملتوي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
17%
1.5m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون