تازه ترين

ڳڙهي ياسين ويجهو هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي، فائرنگ، علائقي ۾ خوف ۽ حراس

- Advertisement -
ڳڙهي ياسين ويجهو ساٿي جو پلاند وٺڻ لاءِ هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو. 3 ڏينهن اڳ ڪرن ٿاڻي جي حد ۾ گشتي پوليس هٿيارن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل سعيد عرف لڌو معرفاڻي جي پلاند ۾ سندس ساٿين ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. اطلاع ملڻ تي ڳڙهي ياسين، ڪرن، آغا فارم، بڊو ۽ ڳڙهي ياسين سميت مختلف ٿاڻي جي پوليس  اي پي سي ساڻ ڪري ڳوٺ پهتي ته هٿياربند فرار ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او آغا فارم اصغر ڪاڪيپوٽي ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري لڌو مارفاڻي جو پلاند وٺڻ لاءِ ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، کين شڪ آهي ته سندن ساٿي کي ڳوٺاڻن ماريو آهي. سندس چوڻ هو ته ڳوٺاڻا ايندا ته سندن فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪري هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون