اسرائيلي فوج جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد ۽ 60 زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج وچ غزه جي پٽي ۾ المغازي، نصيرات ڪيمپ ۽ خان يونس ۾ گهرن کي نشانو بڻايو.
عرب ميڊيا موجب، رفح شهر ۾ اسرائيلي فوج رهائشي عمارتن کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو، ملبي هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل هجڻ جو خدشو آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اتر غزه جي شهر شجاعيه ۾ حملي کانپوءِ 60 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته اسرائيلي فوج شجاعيه ۾ ٻن هفتن دوران 85 سيڪڙو گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
واضع رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين شهيد ٿيلن جو انگ 38 هزار پنج سئو جي ويجهو پهچي چڪو آهي جڏهن ته 88 هزار 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي چڪا آهن.