تازه ترين

شڪارپور پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي ماري ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعوى

- Advertisement -
شڪارپور پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي ماري ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاڳڻ لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته 5 اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاريءَ جي نادر مھر طور سڃاڻپ ٿي سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس دعوى ڪئي ته مارجي ويل ڏوهاري جا ٻيا ساٿي گلاب سعدخاناڻي،واجد سومرو ۽ ٻيا فرار ٿي ويا. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوھاري لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس مٿان مختلف ٿاڻن تي ڦر ڌاڙن ۽ قتل سميت 11 ڪيس داخل آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
9 %
5.9kmh
81 %
اربع
28 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون