- Advertisement -
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ چاهيون ٿا، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو به طريقو پسند نه آهي.
گورنر هائوس لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي جي 70کان وڌيڪ ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي قومي ادارن کي نشانو بڻائڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهي پنهنجي سياست ڪرڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن مطالبو آهي ته سمورن ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -
