پائيدار امن لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار حل ٿيڻ گهرجن : منيراڪرم

spot_img
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منيراڪرم چيو آهي ته پائيدار امن لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار حل ٿيڻ گهرجن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ امن جي قيام ۽ فروغ تي بحث کي خطاب ڪندي هـُن تڪرارن جي حل لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي سبب تڪرار وڌي رهيا آهن، عالمي حڪمت عمليون گهڻي حد تائين ناقص، غيرموثر ۽ غير اطمينان بخش رهيون آهن. منير اڪرم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ پرڏيهي قبضي جا نتيجا واضح آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي واري جنگ کي روڪرائي هن چيو ته پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ مقامي ماڻهن جي سهڪار، مدد ۽ شموليت سبب ڪامياب ٿي آهي، اميد آهي ته ڪائونسل ۾ ٿيندڙ بحث سان سوچ جو نئون رخ پيدا ٿيندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون