- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڄمي مقابلو ڪندي ۽ هو حڪومت ٺاهيندا، پ پ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، دل جي تڪليف ٿيڻ تي شريف ڀائر لنڊن ڀڄي ويندا آهن، 8 فيبروري تي کين ٻيهر دل جي تڪليف ٿيندي، هاڻي لنڊن وڃڻ جي ضرورت ناهي، رائيونڊ ۾ ئي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، نفرت، گارگند ۽ ورهائڻ جي سياست تي يقين ناهي، ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جو ڪم رڳو پ پ ئي ڪري سگهي ٿي، 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي.
ماڊل ٽائون لاهور ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ڄمي مقابلو ڪندي ۽ هو حڪومت ٺاهيندا، پ پ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.
هن چيو ته دل جي تڪليف ٿيڻ تي شريف ڀائر لنڊن ڀڄي ويندا آهن، 8 فيبروري تي کين ٻيهر دل جي تڪليف ٿيندي، هاڻي لنڊن وڃڻ جي ضرورت ناهي، رائيونڊ ۾ ئي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
پ پ چيئرمين چيو ته نفرت، گارگند ۽ ورهائڻ جي سياست تي يقين ناهي، هو پنهنجي منشور تحت چونڊ وڙهندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جو ڪم رڳو پ پ ئي ڪري سگهي ٿي، 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي.
پ پ چيئرمين چيو ته لاهور ۾ ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو، پ پ کي موقعو مليو ته سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، هو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جيان ڪوڙا واعدا ناهن ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداريءَ خطاب دوران 10 نقاطي چونڊ منشور پڻ پيش ڪيو.
ورڪرز ڪنويشن دوران چوڌري عبدالغفور ساٿين سميت پ پ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ بلاول کيس پارٽي جهنڊي جو مفلر پارائي ڀليڪار ڪيو.- Advertisement -
