پاڪستان ورلڊڪپ ۾ مسلسل چئن شڪست بعد بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان هارائي فتح حاصل ڪري ورتي آهي.
ڪلڪتي ۾ کيڏيل ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگالي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 45 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 204 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش طرفان محمد الله 56، شڪيب الحسن 43 ۽ لِٽن داس 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ محمد وسيم جونيئر 3-3، حارث رئوف 2، افتخار احمد ۽ اساما مير هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
بنگلاديش طرفان مليل 205 رنسن جو حدف قومي ٽيم 32 ڏهائي 2 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان ٻنهي اوپنرن شاندار شروعات ڪري ففٽيون ٺاهيون، فخر زمان ستن ڇڪن ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 81 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن عبدالله شفيق ٻن ڇڪن ۽ نون ڇوڪن جي مدد سان 68 رنسن جي اننگز کيڏي.
بابر اعظم 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد رضوان 26 ۽ افتخار اهمد 17 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ ٽيم کي کٽرائي واپس موٽيا.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي فخر زمان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.