تازه ترين

اتر وزيرستان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
اتر وزيرستان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان  ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. پنجگور ۾ پنج ۽ 6 اپريل جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾فائرنگ  جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ اسد ۽ حسرت شامل آهن، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد  هٿ ڪيو ويو آهي. ان کان ا ڳ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ماريل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي………………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون