- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ هو، آهي ۽ رهندو، حق جي جنگ دوران فتح ۾ عوام جي حمايت خاص طور نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو، بلوچ عوام ملڪ سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن ۾ جڙيل آهي، آڱرين جي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان ۽ پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو، يونيورسٽي آمد تي انتظاميا ۽ شاگردن ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر يونيورسٽي جي دوري دوران آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي حڪمت عملي ۽ ڪاميابي تي روشني وڌي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ آهي ته حق جي جنگ دوران فتح ۾ عوام جي حمايت خاص طور نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو، ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ هو، آهي ۽ رهندو.
هن چيو ته بلوچ عوام ملڪ سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن ۾ جڙيل آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آڱرين جي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان ۽ پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.
شاگردن ۽ شاگردياڻين آپريشن بنيان مرصوص ۾ تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي.
شاگردن، شاگردياڻين ۽ فيڪلٽي ميمبرن وڌيڪ اهڙن انٽرايڪٽوسيشنز ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو…….- Advertisement -
