اتر وزيرستان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
پنجگور ۾ پنج ۽ 6 اپريل جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ اسد ۽ حسرت شامل آهن، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
ان کان ا ڳ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ماريل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي………………..
اتر وزيرستان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


