ايران جي شهر يزد ۾پاڪستاني پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي بعد ايراني حڪومت حادثي جو شڪار قافلي جي سالار سيد اطهر شاهه شمسي کي ڊي پورٽ ڪري مٿس ايران ۾ داخلي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته اطهر حسين شمسي جو ٽور آپريٽر لائسنس به معطل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايران جي شهر يزد ۾ سنڌ اوسي پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي بعد ايراني اختيارين حادثي جو شڪار قافلي جي سالار سيد اطهر حسين شمسي کي سي 130 جهاز ۾ ويهاري پاڪستان ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو.
سالار سيد اطهر حسين شمسي جو ٽور آپريٽر لائسنس به معطل ٿيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
بس حادثي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن قافلي جي سالار اطهر حسين شاهه شمسي تي پانڌيئڙن کي خراب گاڏي ۾ عراق اربعين تي وٺي وڃڻ جو الزام لڳايو هو.
بس حادثي ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين جي وارثن اطهر حسين شاهه شمي خلاف ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو هو .
ايران جي پرڏيهي کاتي ايران ۾ پاڪستاني سفير کي اهڙن ٽوئر آپريٽرز جا لائسنس معطل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
ايراني حڪومت قافلي جي سالار اطهر شاهه شمسي کي ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو، داخلا تي پابندي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.9
°
C
9.9
°
9.9
°
24%
1.9m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


