تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

حماس ڇنڇر تائين يرغمالي نه ڇڏيا ته جنگبندي ختم ڪري ٻيهر حملا ڪنداسين: اسرائيلي وزيراعظم

- Advertisement -
اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو، ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس ڇنڇر تائين يرغمالي سندن حوالي نه ڪيا ته جنگبندي ختم ٿي ويندي ۽ هو ٻيهر حملا ڪرڻ شروع ڪندا. سماجي رابطن واري سائيٽ “ايڪس” تي رکيل پنهنجي پوسٽ ۾ اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو چيو ته جيڪڏهن حماس ڇنڇر ڏينهن منجهند تائين سندن اغوا ٿيل ماڻهو واپس نه ڪيا ته جنگبندي ختم ٿي ويندي ۽ اسرائيلي فوج ڇتي ويڙهه شروع ڪري ڏيندي، جيڪا حماس کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ تائين جاري رهندي. اسرائيلي وزيراعظم جو اِها ڌمڪي سياسي- سڪيورٽي ڪابينا جي چار ڪلاڪ جاري رهندڙ اجلاس کانپوءِ سامهون آئي آهي. نيتن ياهو جو چوڻ هو ته ڪابينا اتفاق راءِ سان هڪ معاهدي جي منظوري ڏني آهي ته جيڪڏهن حماس ڇنڇر ڏينهن منجهند تائين سندن يرغمالي واپس نه ڪيا ته جنگبندي ختم ڪئي ويندي. ان کان اڳ آمريڪي صدر دونلد ٽرمپ به حماس کي ساڳئي قسم جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. آمريڪي ۽ اسرائيلي سربراهن جي انهن بيانن کان اڳ حماس پاران چيو ويو هو ته اسرائيل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي تنهنڪري هو وڌيڪ ٽن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون