- Advertisement -
راڌڻ ۾ گھر مان ڌاڙي دوران 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته عورت سميت 2 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شهر جي وارڊ نمبر 7 جوڻيجا پاڙي ۾ هٿيابند ڦورو منظور جوڻيجي جي گهر ۾ گھڙي ڀاتين کي يرغمال بڻائي چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت تي گهر ڌڻين ڦورن کان هٿيار ڦر فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري صبحت آڳرو ۽ عطر ماڇي مارجي ويا جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب گهر ڌڻي ذوالفقار جوڻيجو، مسمامت زبيده سميت ٻه عورتون زخمي ٿي پيون.
اطلاع تي پوليس پهڇي مارجي ويل ڦورن جا لاش ۽ زخمي گهر ڌڻين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي شهر ۾ چوٻول آهن ته حملي آورن ۽ گهر ڌڻين ۾ ڪافي عرصي کان مينهن جو چوري جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورن جا لاش اسپتال ۾ پيل آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.- Advertisement -
