- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائيواري جاري آهي، سعوديءَ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هلندڙ مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري تي اڳڀرائيءَ جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هلندڙ مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو ويجهو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.
هن چيو ته سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائيواري جاري آهي، پاڪستان پنهنجي ڀاءُ سعودي عرب سان سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم کي نومبر ۾ ڪوٺايل پاڪستان سعودي عرب جوائنٽ ٽاسڪ فورس جي ٻئي اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مختصر عرصي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 34 مفاهمتي يادداشتن تي صحيون ٿيو، جنهن ۾ ستن کي معاهدن جي شڪل ڏني وئي آهي.- Advertisement -
