سنڌو درياهه جو پاڻي پنجاب کي ٻوڙيندو سنڌ ۾ داخل

0
391

سنڌو درياهه جو پاڻي پنجاب کي ٻوڙيندو سنڌ ۾ داخل ٿي ويو، درياهه جي پاڻي وهڪرن ۾ وڌيڪ واڌ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

گڊو بئراج ۾ گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ 11 هزار ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 649ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 54 هزار 224ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

سکر بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار 725ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 575ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 50 هزار 875ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 66 ھزار 804 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 37 ھزار 999 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي………..

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here