سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي

- Advertisement -
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، تربيلا ۽ منگلا مان پاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جا وهڪرا وڌيڪ گهٽجڻ لڳا. سنڌ جي ٽنهي بئراجن مان سکر بئراج وڌيڪ متاثر ٿي آهي، سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 69 ڏهائي 8 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته صورتحال ڏڪار طرف وڌڻ لڳي. گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ 649 ڪيوسڪ لاٿ ٿي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 330 ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 154 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي فراهمي بند آهي. گهوٽڪي فيڊر ۾ 2 هزار 183 ۽ ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ هڪ هزار 993 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرا وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 235 ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 185 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج کي هن وقت پاڻي گهرج 30 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته سکر بئراج جي واهن کي 9 هزار 50 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج جي واهن ۾ وارا بندي وارو عمل جاري آهي، سنڌ کي پاڻي جي گهرج 39 هزار 230 ڪيوسڪ آهي پر سنڌ کي 20 هزار 330 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. سنڌ کي گهرج کان 53 ڏهائي 6 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
39%
2.4m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون