- Advertisement -
فٽيجز…..
وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان جده ۾ ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ ٻيا موجود هئا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو، اقتصادي، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ سعودي عرب جي عزم کي ساراهيو، جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٻنهي طرفن کان علاقائي سلامتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪندي دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو ويو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علاقائي صورتحال سان گڏ خطي جي سياسي منظر نامي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هنن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمايان خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ سندن ڀلائي لاءِ قدم وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن عوام وچ ۾ رابطن، ثقافتي ۽ تعليمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد گڏيل احترام، گڏيل مفادن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن جي رهنمائي ۾ پاڪ سعودي ڀائيواري کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.- Advertisement -
