ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جون رونقون بحال ڪيون وينديون، هر ٽائون ۾ جديد گرائونڊ ٺاهيا ويندا، نوجوان راندين جي سرگرمين ۾ ضرور حصو وٺن.
مرتضيٰ وهاب، ابراهيم حيدريءَ ۾ مجاهد بلوچ فٽبال گرائونڊ پهتو، جتي بلوچ محمڊن 7 برما آفريدي جي ٽيمن وچ ۾ فائنل کيڏيو ويو.
ڪراچيءَ جي ميئر فاتح ٽيم ۾ ٽرافي انعام پڻ ورهايا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر جون رونقون بحال ڪيون وينديون، هر ٽائون ۾ جديد گرائونڊ ٺاهيا ويندا، نوجوان راندين جي سرگرمين ۾ ضرور حصو وٺن.
هن چيو ته اڪثر ٽائونن ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ گرائونڊ بڻجي چڪو آهي، رانديگرن ۽ تماشائين جو جوش ڏسڻ وٽان آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته رمضان جي برڪت سان شهر جي رونقن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
ان موقعي تي ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ميونسپل چيئرمين نذير ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا………
شهر جون رونقون بحال ڪيون وينديون، هر ٽائون ۾ جديد گرائونڊ ٺاهيا ويندا: مرتضيٰ وهاب
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


