- Advertisement -
سنڌ ۾ پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا ميمبر پراسيڪيوٽر جنرل جي ماتحت هوندا، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪرمنل پراسيڪيوشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
گورنر سنڌ جي منظوري کانپوءِ ڪرمنل پراسيڪيوشن ايڪٽ ترميمي بل فوري طور لاڳو ٿي ويو.
سنڌ اسيمبليءَ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ترميمي ايڪٽ 2025ع جي منظوري ڏني هئي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪرمنل پراسيڪيوشن ايڪٽ ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون.
هن بل ذريعي سنڌ حڪومت ڪرمنل پراسيڪيوشن جا نوان اصول متعارف ڪرائي ڇڏيا.
هن ترميم تحت پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا ميمبر پراسيڪيوٽر جنرل جي ماتحت هوندا.- Advertisement -
