لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو :سيد ذوالفقار علي شاهه

0
371

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو.

ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ بڪ پبلشرز جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڊي جي لائبريري اعجاز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي لائبريرين ۾ نون ڪتابن ۽ گهربل سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڪميشن جي امتحانن جي تياري لاءِ  سمورن ڪتابن جي فراهمي سڀني لائبريرين ۾ لازمي ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ ٻيا ضروري ڪتاب پڻ فراهم  ڪيا وڃن.

سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪتاب پڙهندڙن ۽ شاگردن جي ضرورتن موجب مقامي لائبريرين ۾ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا.

هن چيو ته سڀني لائبريرين کي شمسي توانائي تي منتقل  ڪيو ويندو، لائبريرين کي اپ گريڊ ڪرڻ سان  شاگردن کي سهولت ملندي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته لائبريرين ۾ گرلز سيڪشن الڳ قائم ڪيا ويندا، شاگردن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ جديد سهولتون فراهم ڪري انتظام وڌيڪ بهتر بڻايا ويندا.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here