- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ هوندي ڪنهن به نئين منصوبي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، سنڌ سرڪار سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺاهڻ خلاف سي سي آءِ ۾ آواز اٿاريو آهي، سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، مٿان وري برسات جو پاڻي به سنڌ جي کاتي ۾ هنيو پيو وڃي، پ پ پاڻي واري معاملي تي هميشه اڳڀري رهي آهي.
ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌو درياهه مان اضافي ڪينالن ڪڍڻ خلاف سي سي آءِ ۾ وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪينالن جي معاملي تي ٻه خط لکي چُڪو آهي، ملڪ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب سي ٽي ڊبليو فورم تي هنن ڪينالن جي مخالفت ڪئي آهي.
صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته جيسيتائين ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، نيئن ڪنهن منصوبي تي ڪم نٿو ڪري سگھجي، سنڌ کي اڳ ئي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي مٿان وري برساتن وارو پاڻي به سنڌ جي کاتي ۾ لڳائي حساب برابر ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جيڪي پارٽيون پاڻي معاملي تي دانهي رهيون آهن، اهي ماضي ۾ ڪنهن جي حمايت ۾ رهيا آهن.
سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته پاڻي جي معاملي تي واحد پيپلزپارٽي ئي آهي جيڪا شروع کان وٺي عملي طور اڳڀري رهي آهي، پر هو هن وقت ڪنهن جي مخالفت ۾ نه پاڻي جي معاملي تي گڏ آهن، سنڌ جو وڏو وزير آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ويو هو- Advertisement -
