پنجاب جي شهر ڪماليا ۾ هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو مائي صفوران بچاءُ بند ڌماڪي سان اڏايو ويو

0
383

پنجاب جي شهر ڪماليا ۾ هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو مائي صفوران بچاءُ بند ڌماڪي سان اڏايو ويو.

هيڊ سڌنائي واري هنڌ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي اضافي کانپوءِ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 85 هزار 563 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو جنهن سبب وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويو.

ڊپٽي ڪمشنر ڪماليا چوڌري نعيم سنڌو جو چوڻ آهي ته هيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياهه جو حفاظتي بند ڌماڪي سان ٽوڙيو ويو آهي.

بند ٽٽڻ سان ديهه پير محل جا 12 ڳوٺ ٻڏي ويا، بند ٽٽڻ کان اڳ علائقي واسين کي پنهنجي چوپائي مال سميت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو، هيڊ سڌنائي جي ٻوڏ جي وهڪري سبب ضلعي خانيوال جا 136 گهر متاثر ٿيا آهن.

راوي درياهه ۾ هيڊ جسڙ وٽ به پاڻي جي آمد ۾ واڌ ٿي آهي جتي 63 هزار 720 ڪيوسڪ سان هيٺانهين درجي جي ٻوڏ آهي.

پي ڊي ايم اي ڊي جي عرفان علي ڪاٺيا پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته انڊين هاءِ ڪميشن طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته توي درياهه ۾  مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، هيڊ مراله تي هڪ ڪلاڪ ۾ 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو آهي.

واضح رهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اين ڊي ايم اي موجب ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن وقت تائين 881 ماڻهو فوت ۽ 1176 زخمي ٿيا جن ۾ پنجاب ۾ 223 ماڻهو فوت ۽ 648 زخمي ٿيا……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here