ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي سڪائي ڇڏيندو، هو سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا: سنڌ جو  وڏي وزير

0
373

سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي سڪائي ڇڏيندو، هو سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا، ڪرم ايجنسي ۽ پار چنار جي واقعن تي ڏک آهي پر ڌرڻن سان ماڻهو پريشان ٿي رهيا آهن.

جهمپير ۾ ڪي فيڊر  جي لائننگ جي منصوبي جي معائني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس جو ايندڙ مرحلو ٻه 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو.

هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي سان ڪراچي شهر مان ٻاهر ويندڙن جو سفر هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪي بي فيڊر جي لائننگ جي ڪم جو هن هوائي معائنو به ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي فيڊر جي لائننگ وفاق ۽ سنڌ سرڪار جو گڏيل منصوبو آهي، هلندڙ سال وفاق گهٽ رقم ڏني آهي.

هن چيو ته ڪي بي فيڊر جو منصوبو هلندڙ سال 40 سيڪڙو مڪمل  ڪيو ويندو، ڪي بي فيڊر جي گنجائش ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪي بي فيڊر  جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو جيستائين ڪنهن فورم تي نه ايندو تيستائين ختم نه ٿيندو.

هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به نه ڏنو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پ پ ڪالاباغ ڊيم وانگر ڪئنالن جي به مخالف آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي ملندڙ پاڻي سان ڪنهن علائقي جو پاڻي گهٽ نه ٿيندو،  سنڌ ۾ ترقي جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو.

هن چيو ته نئين سال ۾ عوام کي درخواست آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پارا چنار ۾ انساني الميو ٿي رهيو آهي، جنهن تي کين افسوس آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار گورنر جي درخواست حلال احمر ذريعي امداد موڪلي آهي، سنڌ سرڪار پرامن ڌرڻن جي خلاف ناهي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڊبليو ايم سان ڳالهيون جاري آهن، ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هڪ هنڌ ڌرڻا هڻڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، اٺن هنڌن تان ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته چئن هنڌن تي احتجاج ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڌرڻن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪجهه ماڻهو ناراض به ٿي سگهن ٿا، پارا چنار مسئلو اتي ئي حل ٿيندو، هتي ڪجهه ناهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ڪراچي شهر ۾ ٻيا ڌرڻا ڳالهين يا ايڪشن سان ختم ڪرايا ويندا.

هن چيو ته بي آر ٽي بسن کي سموري سنڌ ۾ وسيع ڪيو ويندو…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here