اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته 93ع ۽ 99ع ۾ ڇو ڪڍيو ويو؟ ڇا ڪارگل جنگ ڇيڙڻ واري سوال تي ڪڍيو ويو؟ پاڪستان سان اهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو ويو؟ جن ماڻهن ملڪ کي هن حال تائين پهچايو آهي، ان جو محاسبو ٿيڻ گهرجي
لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽ هولڊرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته هو نظرن کان پري پر دل جي ويجهو رهيا، دعا آهن ته الله قوم کي ڏکيائين مان ڪڍي.
هن چيوته قوم چار سال ڏکيو دور ڏٺو، سندن دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي، پر ڪهه ڪردار اهڙا آيا جن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي ٺـَـپِ ڪري ڇڏيو.
نوازشريف چيوته هر ڀيري سٺا ڪم ڪيا پر کيس ڪڍيو ويو، کيس خبر هجڻ گهرجي ته 93ع ۽ 99ع ۾ کيس ڇو ڪڍيو ويو؟ هنن چيو هو ته ڪارگل جنگ نه ٿيڻ گهرجي ها، ڇا ان تي ڪڍيو ويو؟ وقت ثابت ڪري رهيو آهي ته هو صحيح هئا.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جيڪڏهن شهبازشريف اچي ملڪ نه سنڀالي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، پهريان لوڊشيڊنگ جو مسئلو هو هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت بجلي اگهن جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، غريب عوام جي سموري پگهار بجلي جي بل تي لڳي وڃي ٿي.
نوازشريف چيو ته پاڪستان سان اهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو ويو؟ جن ماڻهن ملڪ کي هن حال تائين پهچايو آهي، ان جو محاسبو ٿيڻ گهرجي…….