تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي بلديا سانحي ۽ ٻين ڪيسن ۾ 50 هزار روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
لائيو ڪيسپول فار ون پي ايم سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي بلديا سانحي ۽ ٻين ڪيسن ۾ 50 هزار روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ حماد صديقي ۽ ٻين روپوش جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ بابت ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار صوبي جي روپوش جوابدارن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي صوبي ۾ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بئنڪ اڪائونٽس ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت نادرا جي چيئرمين، گهرو وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ اسٽيٽ بئنڪ کان 23 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. آءِ جي سنڌ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ 50 هزار 58 جوابدار روپوش آهن جڏهن ته رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روپوش جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي. عدالت سنڌ ۾ ايترو وڏو انگ روپوش جوابدارن جو ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو. جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ به سنگين ڏوهه آهي، هن وقت سنڌ ۾ ڪا به سياسي حڪومت ناهي، ڪوبه ايم اين اي ۽ ايم پي اي جوابدارن جي گرفتاري ۾ مداخلت نه ڪندو، ايتري وڏي انگ ۾ روپوش جوابدارن سبب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 هزار روپوش جوابدار آهن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڇا ڪري رهيو آهي؟. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته هن 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي، تازو ئي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به مقرر ٿيو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس او پي يا ڪو ميڪنزم هوندو؟، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، هو ڪنهن ٻي آءِ جي جو انتظار نه ڪندا. عدالت چيو ته اڪثر ڪيسن ۾ روپوش جوابدارن جو نالو، ايڊريس ۽ ولديت صحيح لکيل ناهي هوندي، منشيات جي ڪيس ۾ ته رڳو جوابدار جو نالو هوندو آهي، انتظامي معاملا بهتر ڪيا وڃن ته ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ايتري انگ ۾ جوابدارن جو روپوش ٿيڻ سمجهن کان ٻاهر آهي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته قبائلي ۽ ڏورانهان علائقا آهن جنهن سبب ايتري وڏي انگ ۾ جوابدار روپوش آهن. جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته نگران حڪومت کان به اميد آهي ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري ۾ مدد ڪندي. آءِ جي سنڌ چيو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. روپوش جوابدارن حماد صديقي، خرم نثار ۽ تقي حيدر شاهه بابت رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون. نادرا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٽنهي روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ رپورٽ ۾ چيو ته ٽنهي روپوش جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ لاءِ بئنڪن کي سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر ڪراچي ڪيمپ آفيس چيو ته ٽنهي روپوش جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ لاءِ جسٽس ڪي ڪي آغا مجاز اٿارٽي آهي. عدالت پاڪستاني پاسپورٽ بلاڪ نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته ٽئي روپوش جوابدار آهن، ايندڙ ٻڌڻي تائين ٽنهي جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ گهرو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿئي. پرڏيهي وزارت جي نمائندي چيو ته جوابدار تقي حيدر شاهه دبئي ۾ آهي، پرڏيهي وزارت ان حوالي سان يو اي اي سان رابطي ۾ آهي، 27 سيپٽمبر تي يو اي اي جا اعتراض ختم ڪيا ويا هئا، هاڻي جواب جو انتظار آهي، تقي حيدر شاهه جي ٻٽي شهريت بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار خرم نثار سويڊن جو شهري آهي، خرم نثار بابت سويڊن حڪومت کان قانوني مدد گهري ورتي آهي.    
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون