تازه ترين

هر چيف جسٽس ججن کي پنهنجي حساب سان هلائيندو آهي: منصور علي خان

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي خان چيو آهي ته هر چيف جسٽس ججن کي پنهنجي حساب سان هلائيندو آهي، فردن مان نڪري نظام طرف اچڻو پوندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو عدليه جي تاريخ مان گهڻو خوش ناهي، دنيا ۾ پاڪستاني عدليه بابت ڊيٽا ڳڻتي جوڳي آهي، ڪجهه اهڙو ٿي ويندو آهي جنهن سان عدليه تي تنقيد ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 24 لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن،  التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کان مدد حاصل ڪرڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته پنهنجي نظام ۾ آءِ ٽي نه آندي ويندي ته 24 لک ڪيسن اڪلائڻ مشڪل هوندو،  سپريم ڪائونسل کي وڌيڪ بااختيار ادارو بڻائڻو پوندو ۽ عدليه لاءِ ڊيٽا ليسس روم قائم ڪرڻا پوندا. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته  پاڪستان ۾ 4 هزار جج آهن جنهن مان 3 هزار ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ڳالهه ڳالهه تي هڙتال ڪئي ويندي آهي، ڪرڪيٽ جي ميچ ۾ شڪست ملي ته هڙتال ٿي ويندي آهي، ماڻهو پنهنجا ڍور کپائي عدالت ايندا آهن، هڙتال ۾ ڪنهن ماڻهو کي عدالت اچڻ لاءِ ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي تنهن جو اندازو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪمرشل ڪوريڊور قائم ٿيندو ته  معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون