تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان ٻن ڏينهن جو تاجڪستان جو دورو ڪندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان ٻن ڏينهن جو تاجڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم هائوس طرفان جاري پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ صدر جي دعوت تي 2 ۽ 3 جولاءِ تي تاجڪستان جو دورو ڪندو. پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف دوشنبيَ ۾ تاجڪستان جي اعلى قيادت سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم کان علاوه تاجڪ پارليامينٽ جي ايوان جي چيئرمين سان ملاقات ڪندو. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلى سطح جي وفد جي ملاقات جو هڪ حصو آهي. پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، توانائي سميت ٻين شعبن م سهڪار تي ڳالهيون ٿينديون. ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي قازقستان جو به دورو ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ڪونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون