تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه سان ايس بي اي آر انٽرنيشنل بئنڪ آف روس جي سربراهه  جي ملاقات

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه سان ايس بي اي آر انٽرنيشنل بئنڪ آف روس جي سربراهه  جي ملاقات ٿي آهي. تمور ڪوزنٽسوف جي سربراهي ۾ بئنڪ وفد سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيڪريٽريز به شريڪ هئا. بئنڪ سربراهه تمور ڪوزنٽسوف جو چوڻ هو ته بئنڪ تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت تعليم ۾ جدت آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايس بي اي آر سنڌ ۾ تعليمي ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿي، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي سان آن لائن تعليم، اي-ٽيڪسٽ بڪس، ايجوڪيشنل مينجمينٽ سسٽم ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو، ايس بي اي آر بئنڪ خانگي تعليمي ادارن سان ڀائيواري ڪري سگهي ٿي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون