- Advertisement -
سپريم ڪوٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هائيڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ لاهور هائيڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته نياز الله نيازي جنهن جو وڪيل آهي، هن ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت ڌر بڻجڻ جي اپيل منظور ڪئي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سلمان اڪرم کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان مٿس اعتراض ڪيو هو؟ جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته هن پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ اعتراض نه ڪيو هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت کي تمام گهڻو اسڪينڊلائز ڪيو ويو آهي، هاڻي گهڻو ٿي ويو، ڇو نه نياز الله نيازي جو ڪيس ڊسيپلينري ايڪشن لاءِ پاڪستان بار کي موڪليو وڃي؟.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گذريل ٻڌڻي تي 2 رڪني بينچ جو سربراهه به هو ته پوءِ اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟ بينچ هاڻي هو اڪيلو نه پر سڄي ڪميٽي ٺاهيندي، جڏهن هڪ شخص بينچ ٺاهيندو هو ته ڪڏهن به ڪو اعتراض نه ڪيو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪميٽي کين بينچ ۾ ويهاريو آهي، ڇا هو هتي بي عزتي ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن؟ هو 3 ميمبر بعد ۾ بينچ ۾ شامل ٿيا، بظاهر اعتراض مٿس آهي جنهن تي نياز الله نيازي جواب ڏنو ته کين ڪو به اعتراض ناهي.
نياز الله نيازي چيو ته پهرين ٻڌڻي ۾ هو ڌر نه هئا، جيڪو شخص جيل ۾ آهي ان جو به اعتراض آهي، هو پنهنجي اصيل جي چوڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهي.
چيف جسٽس چيو ته جنهن شخص جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اهو جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿي چڪو آهي ۽ هن بينچ تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته بينچ تي اعتراض اٿاري هيڊ لائين ٺاهڻ چاهيو ٿا، سپريم ڪورٽ کي اسڪينڊلائز ڪندڙ وڪيل جو لائسنس معطل ڪندا، ائين نٿو ٿي سگهي، جيڪو منهن ۾ اچي اهو چئي ڇڏيو، اوهان ماڻهو رڳو ڪيس خراب ڪرڻ چاهيو ٿا.
عدالت نياز الله نيازي جا اعتراض رد ڪندي ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدالت ڪجهه دير بعد ئي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ جي فوري بعد اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر چيف جسٽس سان بامقصد مشاورت ڪن.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس دير جو شڪار ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس وچ ۾ رابطو ناهي ٿيو، سپريم ڪورٽ معاملو هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن جي صلاح مشوري تي ڇڏي ڏنو.- Advertisement -
