تازه ترين

واشنگٽن: هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ سبب مسافر جهاز درياهه ۾ ڪري تباهه، 18 ڄڻا فوت

- Advertisement -
آمريڪا ۾ مسافر جهاز فوجي هيليڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ سبب درياهه ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته 18 ماڻهن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا آهن وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي ايئر لائن جي اڏام ڪينساس جي شهر وڪيٽا کان واشنگٽن پهتي هئي جتي جهاز کي پوٽوميڪ درياهه مٿان رن وي ويجهو حادثو پيش آيو. فلائٽ ريڊار موجب، جهاز کي حادثو مقامي وقت موجب شام 5 وڳي 48 منٽن تي پيش آيو، ان وقت جهاز جي رفتار 166 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هئي. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز ۾ 78 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، فوجي جهاز هيليڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ بعد مسافر جهاز پوٽوميڪ درياهه ۾ ڪري پيو. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ 64 مسافر سوار هئا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن ۽ هن وقت تائين 18 لاش درياهه مان ڪڍيا ويا آهن، وڌيڪ ڳولا جاري آهي. آمريڪي فوجي اختيارين موجب، مسافر جهاز سان ٽڪرائجڻ سبب فوجي هيليڪاپٽر ۾ 3 اهلڪار سوار هئا. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مسافر جهاز سان ٽڪرائجندڙ بليڪ هاڪ فوجي هيليڪاپٽر تربيتي اڏام تي هو. حادثي بعد ريگن نيشنل ايئرپورٽ تي سمورين اڏامن کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به هوائي حادثي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هوائي حادثي بابت پوري طرح آگاهه ڪيو ويو آهي، صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، جيئن ئي وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا فراهم ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون