- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ٻيهر 9 مئي ۽ 26 نومبر جي اجازت نه ڏني ويندي، پي ٽي آءِ وارن جو ورتاءُ پاڪستان جي مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جلسن تي ڪو به اعتراض ناهي پر اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي، جڏهن به پاڪستان جي عزت جو موقعو ايندو آهي ته وڳوڙي ٽولو سرگرم ٿي وڃي ٿو.
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه صف چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۽ وڳوڙ واري سياست ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جڏهن به پاڪستان جي عزت جو موقعو ايندو آهي ته وڳوڙي ٽولو سرگرم ٿي وڃي ٿو، ايس سي او ڪانفرنس دوران به پي ٽي آءِ وارن وڳوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
خواجه آصف چيو ته اڄ به تعمير ۽ ترقيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ وڳوڙ ۽ احتجاج جي سياست پئي ڪري.
بچاءَ واري وزير چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ سرڪاري مشينري ۽ وسيلن جو بيدرديءَ سان استعمال ٿي رهيو آهي، سياسي روايتن موجب جلسن تي ڪو به اعتراض ناهي پر اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي.
خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي اصل قيادت ان جي پارٽيءَ ۾ موجود مخصوص ٽولي جي سازشن جو شڪار ٿي مصلحت جو شڪار ٿي وئي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جو ورتاءُ پاڪستان جي مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جنهن ڏينهن چيمپئنز ٽرافي جي ميچ آهي ان ڏينهن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي ٻيهر 9 مئي ۽ 26 نومبر جي اجازت نه ڏني ويندي.
خواجه آصف چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير چوي ٿو ته سندن 99 سيڪڙو مطالبا پورا ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن مطالبا پورا ٿي چڪا آهن ته احتجاج ڇو پيو ڪيو وڃي؟- Advertisement -
