- Advertisement -
مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي ٽرڪون ساڙائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب پوليس ڊفينس واري علائقي مان آفاق احمد کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس مهاجر قومي مومينٽ جي چيئرمين کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڪورنگي ٿاڻي تي منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته آفاق احمد جي چُرچ تي گاڏيون ساڙيون ويون، ان حوالي سان سندس گرفتاري عمل ۾ آندي وئي.
پوليس موجب آفاق احمد کي حراست ۾ وٺڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
هوڏانهن ڪورنگي ۾ گذريل ڏينهن ٽرڪ ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس عوامي ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور فريد خان جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جي شقون به شامل ڪيون ويون آهن.
ڪيس ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد سميت علائقي جي 15 کان 20 اڻسڃاتل ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي….- Advertisement -
