تازه ترين
Home Blog Page 588

پيارو لنڊ ڀرسان پيرسن گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
پيارو لنڊ ڀرسان پيرسن گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ نمرو  واسي 60 سالن جي رمضان فقير ٻٻر گهر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. پيارولنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته پيرسن گهرو پريشانين سبب آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس پٽ جو چوڻ هو ته ڪڏهن به سندن  والد اهڙو ڪو مسئلو بيان نه ڪيو جنهن تي پريشاني ظاهر ٿي هجي پر خبرناهي ڇا جي ڪري هن خودڪشي ڪئي آهي.

ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام نه هوندو : محمد اورنگزيب

0
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام نه هوندو، هلندڙ مهيني ئي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي جو امڪان آهي، شيون ٻاهران گهرائڻ تي ڀاڙڻ سبب قرضن جي ادائگي لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، ماڻهو رشوت، ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خوف سبب ايف بي آر سان ڊيل نه ٿا ڪن. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته هو هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پراميد آهن، سندن وٽ پنهنجي پروگرام لاءِ پنجن سالن جو وقت ناهي. سندس چوڻ هو ته کين ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ ڪم ڏيکارڻ شروع ڪرڻو آهي، شيون ٻاهران گهرائڻ تي ڀاڙڻ سبب قرضن جي ادائگي لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ماڻهو رشوت، ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خوف سبب ايف بي آر سان ڊيل نه ٿا ڪرڻ چاهن. هن چيو ته کين قرضن جي ادائگي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام نه هوندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت جي عمارت کي لڳل خوفناڪ باهه تي فائر برگيڊ جي ٽيم هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو

0
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت جي عمارت کي لڳل خوفناڪ باهه تي فائر برگيڊ جي ٽيم هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو جڏهن ته ٽريڊنگ بحال ٿي وئي آهي. فائر برگيڊ اختيارين موجب، ڪراچي ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چوٿين ماڙ تي باهه لڳي وئي جنهن بعد ٽريڊنگ روڪي وئي هئي. فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي باهه وسائڻ لاءِ فائر ٽيندڙز روانيون ڪيون ويون. فائر برگيڊ اختيارين موجب، هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد بعد عمارت ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو. فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳل باهه سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو جڏهن ته مالي نقصان ٿيو آهي. باهه تي ضابطو اچي وڃڻ بعد ٽريڊنگ بحال ٿي وئي آهي……..

سرهاڙي ڀرسان ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب 7 ورهين جو نينگر فوت

0
سرهاڙي ڀرسان ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب 7 سالن  جو نينگر فوت ٿي ويو آهي. کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ 7 سالن جو شهزاد پٽ حامد علي جمالي ڳلي ۾  سوپاري ڦاسڻ  سبب فوت ٿي ويو آهي. وارثن موجب نينگر ڳوٺ جي هڪ دڪان تان سوپاري وٺي کاڌي جڏهن هو گهر آيو ته کيس ساھ جي تڪليف ٿي ته هنن کيس فوري طور نوابشاھ اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سوپاري گلي مان هڪ نلي وسيلي ڪڍي پر نينگر ڦڦر خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. وارثن چيو ته دڪاندار  جي غفلت آهي جيڪي ننڍي عمر جي ٻارڙن کي سوپاريون ۽ ٻيون شيون ڏين ٿا جنهن ڪري اهڙا واقعا پيش اچن ٿا. هوڏانهن معصوم نينگر جو لاش ڳوٺ مهر علي جمالي آندو ويو جتي گهر ۾ ڪهرام متل آهي سندس والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

توانائي واري شعبي ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ڪميٽي قائم

0
توانائي واري شعبي ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 18 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، 18رڪني ڪميٽي کي 12 اهم ترين ٽاسڪ ڏنا ويا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪميٽي کي ٽن هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. 6 وفاقي وزير، 6 وفاقي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين به ڪميٽي ۾ شامل آهن، جڏهن ته آئل اينڊ گيس ڪمپنين جا نمائندا به ڪميٽي جو حصو هوندا. ڪميٽي جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي شعبي بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڪميٽي گيس سيڪٽر ۾ گردشي قرض جو حل ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪندا، جڏهن ته ڪميٽي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ مالياتي نظام جو به جائزو وٺندي. ڪميٽي ترميم ٿيل پيٽروليم پاليسي 2012ع، ٽائٽ گيس پاليسي 2024ع کي عملي شڪل ڏيندي. ڪميٽي ايل اين جي ڪارگوز لاءِ بنچ مارڪنگ پورٽ چارجر جو پتو لڳائڻ بابت تجويزون به تيار ڪندي، ڪميٽي کي پيٽروليم ڊويزن جو سيڪريٽري مدد فراهم ڪندو……..

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو

0
ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته مختلف علائقن مان ٻن زخمين سميت 4 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب، ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ ٻه ڦورو شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا، پوليس پهتي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران هڪ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٽن ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪورنگي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ زخمي سيف الله، شاهنواز ۽ ڪاشف شامل آهن، ٻن ڦورن وٽان 2 پسٽل ۽ ڦر ڪيل موبائل فونز هٿ ڪيون ويون. هوڏانهن ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي مقابلي کانپوءِ پوليس اسماعيل نالي ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.

ترڪيه جي صدر ترڪ صدر طيب اردوان شام سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
ترڪيه جي صدر ترڪ صدر طيب اردوان شام سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ترڪ صدر طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو شام سان لاڳاپا ماضي وانگر بحال ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ آهي ته هو ڪنهن به وقت شامي صدر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي سگھن ٿا. ترڪيه جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته رابطن جي بحاليءَ ۾ روسي صدر ۽ عراقي وزيراعظم مدد ڪري سگھن ٿا، شامي صدر هڪ قدم اڳتي اچي ته هو به هاڪاري جواب ڏيندا. واضع رهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ سفارتي لاڳاپا 2011 کان معطل آهن….

غزه ۾ اسرائيلي بربيت جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، گذريل 24 ڪلاڪ دوران 55 فلسطيني يهودي فورسز جي هٿان شهيد

0
غزه ۾ اسرائيلي بربيت جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، گذريل 24 ڪلاڪ دوران 55 فلسطيني يهودي فورسز جي هٿان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 123 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 153 تائين پهچي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيل غزه جي مختلف علائقن مان فلسطينين کي نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته طفح، دراج ۽ اولڊ سٽي جي علائقن مان سوين خاندانن غزه جي اولهه ۽ ڏکڻ وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف لبنان کان 60 راڪيٽ اسرائيل تي فائر ڪيا ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، سي آءِ اي ۽ موساد جا سربراهه ڳالهين لاءِ اڄ قاهرا پهچندا.

وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو اهم دورو ڪري رهيو آهي

0
وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو اهم دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، شهباز شريف سان بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير به ملاقات ڪندا. محمد شهباز شريف ن ليگ، پيپلزپارٽي سميت ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ پارلياماني وفدن سان به ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران ملڪ ۽ بلوچستان سطح جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 هزار کان وڌيڪ ٽيوب ويلز سولر تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جو به افتتاح ڪندو اهو منصوبو گذريل 10 ورهين کان زير التوا آهي. واضع رهي ته گذريل هڪ هفتي ۾ وزيراعظم طرفان ٽيوب ويلز جي مسئلي تي 3 ويڊيو لنڪ اجلاس به ڪيا آهن.

صدر مملڪت آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ لاهور پهچندو جتي سندس اهم ملاقاتون شيڊيول آهن

0
صدر مملڪت آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي اڄ لاهور پهچندو جتي سندس اهم ملاقاتون شيڊيول آهن. صدر آصف علي زرداري پنهنجي لاهور جي دوري دوران مصروف ڏينهن گذاريندو، صدر سيمينار ۾ شرڪت ڪندو، ان کان علاوه پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي پارٽي جي پارلياماني پارٽي ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. لاهور ۾ ترسڻ دوران صدر آصف علي زرداري پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي تنظيم سازي جو جائزو وٺندو، صدر مملڪت سان گورنر پنجاب سردار سليم حيدرخان به ملاقات ڪندو، گورنر پنجاب سعودي عرب کان وطن واپس پهچي چڪو آهي……..
Exit mobile version