تازه ترين

مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تدفين اڄ شام اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي. عرفان صديقي ٻن هفتن کان بيماري سبب اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. مرحوم عرفان صديقي جي جنازي نماز اڄ شام چئين وڳي ايڇ اليون قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پارلياماني اڳواڻ هو، سندس ڳاڻيٽو نواز شريف جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. عرفان صديقي مارچ 2021 ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هو، هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جو چيئرمين پڻ هو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري عرفان صديقي جي لاڌاڻي تي تعزيت جوا ظهار ڪندي چيو ته عرفان صديقي جون جمهوريت لاءِ بي پناهه خدمتون آهن جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مملڪت آصف زرداري عرفان صديقي جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان هڪ سنجيده مفڪر، معلم ۽ اصول پسند دانشور کان محروم ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف عرفان صديقي جي لاڌاڻي کي علمي دنيا ۽ معاشري لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1kmh
0 %
اڱارو
10 °
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون