شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو : بلاول ڀٽو زرداري
ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 71هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي
ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 71هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي،
پ پ طرفان ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ تقريبون، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته سالگره جو ڪراچي ڊويزن سطح جو جلسو لياري ۾ ٿيندو،
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نارٿ سائونڊ اينٽيگا ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو دعوت ڏني.
بنگلاديشي ٽيم بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان نجم الحسن 41 ۽ توحيد هري دوئي 40رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز بنگلاديش خلاف هيٽ ٽرڪ ڪري رڪارڊ بڪ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرايو.
آسٽريليا طرفان مليل 141 رنسن جي حدف جي جواب ۾ 11 ڏهائي 2 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي هڪ سئو رنسون ٺاهيون هيون، برسات سبب ميچ روڪي وئي.
آسٽريليا بنگلاديش کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ مواصلاتي نظام به ڊانوانڊول ٿي ويو.
سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.
خيرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي.
شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪاري بعد گهرن جي ڇتن تي رکيل سولر پليٽون، سائن بورڊ ۽ ڇپرا اڏامي ويا.
ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
ٺل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪاري سبب بجلي بند ٿي وئي آهي.
ناري تعلقي جي مختلف علائقن نارا گيٽ، زيرو پوائنٽ، مثالي ڳوٺ، کينهواري، تجل ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو.
گپچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو.
ميرو خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
نصير آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات بعد ڪيترائي ڇپرا ڊهي پٽ ۽ گهرن جي ڇتن تي رکيل سولر پليٽون اڏامي ويون.
سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو.
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات بعد بجلي بند ٿي وئي.
ڳڙهي خيري ۾ به تيز هوا سان گڏ وسڪاري کان بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
دوداپور ۾ به برسات بعد مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.
بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
ٿرڙي محبت ۾ به برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.
خانواهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو آهي.
ميهڙ ۾ به تيز هوا سان گڏ برسات کانپوءِ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ٻٻرلوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات بعد کجين جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ سبب آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا.
غوثپور ۾ به تيز هوا سان گڏ وسڪارو بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.
گپچاڻي ۾ به وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
گهاري ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 3عورتون فوت
گهاري ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ ۽ سندس ٻه ڌيئرون فوت ٿي ويون آهن.
ڳوٺ نبن چانڊيو ۾ گهر ۾ بورڊ جو بٽڻ کولڻ دوران عورت کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو.
ماءُ کي بچائڻ لاءِ آيل ٻن ڌيئرون کي به بجلي جو ڪرنٽ لڳو.
بجلي جي ڪرنٽ سبب ماءُ ۽ سندس ٻه ڌيئرون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.
ماءُ ۽ ٻن ڌيئرن جي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ بورڊ جو بٽڻ کولڻ دوران عورت کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو،ماءُ کي بچائڻ لاءِ آيل ٻن ڌيئرون کي به بجلي جو ڪرنٽ لڳو.
وارثن موجب، بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ ۽ سندس ٻه ڌيئرون فوت ٿي ويون…….
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري سکر بئراج آمد، ٿيل نقصان جو جائزو ورتو
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهتو آهي، بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، مرمتي ڪم سبب ليفٽ ۽ رائيٽ بينڪ ڪينال کي پاڻي جي فراهمي نه ٿي سگهندي.
سنڌ جو آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف احمد کيڙو سکر بئراج پهچي ويا.
صوبائي وزير ڄام خان شوري سکر بئراج جي دروازن جي ٿيل نقصان جو جائزو ورتو.
ايم ڊي سيڊا، ايم ڊي سوات، چيف انجنيئر سکر، روهڙي ۽ ٻين آفيسرن صوبائي وزير ڄام خان شوري کي بريفنگ ڏني.
ترجمان موجب، صوبائي وزير ڄام خان شورو رات دير تائين صورتحال جي نگراني ڪندو رهيو.
صوبائي وزير وزير ڄام خان شوري چيو ته سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهتو آهي، بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، مرمتي ڪم سبب ليفٽ ۽ رائيٽ بينڪ ڪينال کي پاڻي جي فراهمي نه ٿي سگهندي.
امريڪا پاڪستان ۽ ڀارت سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو: ميٿو ملر
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي رفتار، طريقيڪار ۽ ڪردار جو تعين آمريڪا نه پر ٻنهي ملڪن کي پاڻ کي ڪرنو آهي.
ميٿيو ملر چيو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل مفاد آهن، پاڪ-امريڪا عسڪري رابطن جي حمايت ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف ڊائيلاگ ذريعي پاڪستان سان سيڪيورٽي شراڪت داري جاري آهي.
سعيد غني لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب جي انتطامن جو جائزو ورتو
پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب جي انتطامن جو جائزو ورتو.
صوبائي وزير سعيد غني رات دير سان لياري جي علائقي چاڪيواڙه پهتو.
پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير اسٽيج سميت ٻين ڪمن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته لياري ۾ اڄ ٿيندڙ سالگرهه جي تقريب يادگار تقريب هوندي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سالگرهه جي تقريب لاءِ خصوصي طور تي لياري جي چونڊ ڪئي جيڪا پ پ چيئرمين جي لياري سان محبت جي دليل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اڄ شام چئين وڳي لياري جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندو.
ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو سيڪريٽري جنرل جاويد ناگوري، ڊسٽرڪٽ ڏکڻ جو صدر خليل هوت، ايم پي اي يوسف بلوچ، لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم سميت لياري جي مختلف يوسيز جا چيئرمين ۽ ٻيا پارٽي ڪارڪن موجود هئا.
پاڻي جي دٻاءُ سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 44 ۽ 47 ٽٽي پيا ۽ ٽن گيٽن کي جزوي نقصان پهتو آهي
پاڻي جي دٻاءُ سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 44 ۽ 47 ٽٽي پيا ۽ ٽن گيٽن کي جزوي نقصان پهتو آهي.
پاڻي جي دٻاءُ سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 44 ۽ 47 ٽٽي پيا، جڏهن ته گيٽ نمبر 59،56،54 کي جزوي نقصان پهتو آهي.
بئراج جا گيٽ ٽٽڻ ۽ نقصان سبب پاڻي ورڇ سخت متاثر ٿي آهي.
آبپاشي ذريعن موجب انجنيئر پاران گيٽن جي زبردستي سيٽنگ تبديل ڪرائي وئي جنهن سبب دروزان کي نقصان پهتو آهي.
مجموعي طور سکر بئراج جا پنج گيٽ متاثر ٿيا آهن.
سکر بئراج جا دروازا ٽٽڻ بعد سکر بئراج کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم کي بجيٽ منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي
حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، پ پ چيئرمين بلاول وزيراعظم کي بجيٽ منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته معاملن جي حل لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم شهبازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سربراهيءَ ۾ پ پ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ شيري رحمان شامل هئا.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو يوو ته وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ وچ ۾ ملاقات دوران قومي توڙي سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته وفاقي بجيٽ بابت پ پ سان صلاح مشورا ڪيا ويا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته معيشت بابت سٺا انک اکر اچي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي ڪاروباري طبقي طرفان بجيٽ جي منظوري آهي.
شهبازشريف چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي توڙي عوامي ترقي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته ڪميٽين ذريعي وڌيڪ صلاح مشورا جاري رکيا ويندا.
ملاقات ۾ اياز صادق، اسحاق ڊار، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب بلاول وفاقي بجيٽ ۾ پ پ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽيءَ معاهدي تحت حڪومت جي حمايت ڪئي پر حڪومت ان تي عمل نه ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ پ پ جي رستا روڪ ڪري رهي آهي.
وزيراعظم شهبازشريف بلاول جي اڪثر نقطن تي اتفاق ڪري ورتو.
شهبازشريف معاملن جي حل لاءِ ڪميٽيون جوڙي ورتيون آهن، پ پ ۽ حڪومتي ڪميٽيون ملاقات ڪري معاملا اڳتي وڌائينديون.















