تازه ترين
Home Blog Page 613

سياسي ڳالهين ذريعي ئي بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ايندي : صدر آصف علي زرداري

0
صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو اثرائتو مقابلو  ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي، دهشتگرد عصرن کي سزا ڏيارڻ لاءِ عدالتي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداريءَ  بلوچستان جي دوري تي گوادر پهتو، جتي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم صدر جي آجيان ڪئي. صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ سڪيورٽي صورتحال بابت گوادر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الله لانگو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صدر کي صوبي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ٽارگيٽڊ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، چيني ۽ ٻين ملڪن جي شهرين کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آصف علي زداريءَ صوبائي حڪومت جي ڪوششن ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن جي قربانين جي واکاڻ ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ قابل ۽ بهادر پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، قابل آفيسر صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته زيارتين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي هنر سيکارڻ جي ضرورت آهي، ماهيگيري کي هٿي ڏيڻي پوندي. آصف علي زرداريءَ چيو ته سياسي ڳالهين سان بلوچستان ۾ خوشحالي، ترقي ۽ امن ايندو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته صدر جي دوري سان  صوبي جي عوام کي پنهنجائپ وارو احساس ملندو، پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

مذهبي معاملن واري وزارت حج دوران گرميءَ سبب 35 پاڪستاني فوت ٿيڻ جي تصديق

0
مذهبي معاملن واري وزارت حج دوران گرميءَ سبب 35 پاڪستاني فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پاڪستان جي حج مشن جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومري موجب حج دوران گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب هي هڪ ڏکيو حج هو. هن چيو ته مني ۾ 4، عرفات ۾ 3، مزدلفه ۾ 2 پاڪستاني فوت ٿي، جڏهن ته ويهه پاڪستان حاجي مڪي ۽ 6 مديني ۾ فوت ٿيا آهن. عبدالوهاب سومري، حاجين کي بي يارومددگار ڇڏڻ وارن الزامن کي بنياد قرار ڏيندي چيو ته هو سعودي حڪومت جي ڄاڻ تي ڀروسو ڪري پوءِ پاڻ به تصديق ڪندا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به حاجيءَ جي وفات تي کين اطلاع ڏنو ويندو آهي، سعودي حڪومت جي نظام تحت وارثن کان تدفين جي اجازت ورتي ويندي آهي……..

سکر سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ وڌيڪ هڪ قيدي فوت ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر فوتي قيدين جو انگ 2 ٿي ويو

0
سکر سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ وڌيڪ هڪ قيدي فوت ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر فوتي قيدين جو انگ 2 ٿي ويو. سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي جلال الدين فوت ٿي ويو. جلال الدين جي فوت ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر فوتي قيدين جو انگ 2 ٿي ويو. گذريل ٽن ورهين کان جلال الدين سينٽرل جيل سکر ۾ قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو. فوتي قيدي جي وارثن جو چوڻ آهي ته جلال الدين درست نموني علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

برساتي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي :وزيراعظم

0
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برساتي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيترن ئي سالن تائين نه ٿي سگهندو،  صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان متاثرن جي مدد ڪئي،  حڪومت اين ڊي ايم اي جا مسئلا فوري طور حل ڪندي، اين ڊي ايم اي جو صوبن سان ويجهو رابطو هئڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي پراجيڪٽ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ڪيترن ئي ٻوڏن کي منهن ڏئي چڪو آهي، موجوده بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رکيا آهن. سندس چوڻ هو ته خٻوڏ سبب پاڪستان تمام گهڻي تباهي آئي آهي، اين ڊي ايم اي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اين ڊي ايم اي ۾ ماڻهو ٻين ادارن مان ڊيپوٽيشن تي ايندا آهن، چيئرمين اين ڊي ايم اي موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اين ڊي ايم اي ٻين ادارن سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهي ۽ اهم ڪم ڪيو، جنيوا ۾ ٻوڏ جي تباهي جي حوالي سان ڊونر ڪانفرنس ٿي هئي، هنن ڪانفرنس ۾ به ٻوڏ متاثرن لاءِ آواز اٿاريو آهي ته 2022ع جي ٻوڏ سبب پاڪستان کي هن وقت تائين 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته صوبن ۽ وفاق جي گڏيل ڪوششن سان متاثرين جي بحالي کي يقيني بڻايو،اين ڊي ايم اي جو موسمياتي تبديليءَ بابت ڄاڻ وارو نظام ساراهه جوڳو آهي، اين ڊي ايم اي پاران تيار ڪيل نظام ٻين شعبن لاءِ پڻ رول ماڊل آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت اين ڊي ايم اي کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪندي، ڪنهن به سفارش کي قبول نه ڪيو، ميرٽ کي تسليم ڪيو وڃي، بهترين افرادي قوت کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، اين ڊي ايم اي جو چئني صوبن سان ويجهو رابطو هئڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته جيڪي صوبا موسمياتي تبديليءَ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا انهن سان جامع رابطي جو نظام هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي لاءِ 80 ارب رپيا رکيا آهن، ڪروڙين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي آئي ٽي هنر سيکارڻا آهن، چيني ڪمپني هر سال 3 لک ٻارن کي آءِ ٽي هنر فراهم ڪندي، ڪروڙين نوجوانن کي باوقار روزگار ڏيارڻو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ريڊ زون ۾ اچي چڪو آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، کين حوصلو ناهي هارائڻو محنت ڪرڻي آهي.

سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلو معطل ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد

0
سپريم ڪورٽ اليڪشن  ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلو معطل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪندي لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو ٽه رڪني ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سڪندر بشير، تحريڪ انصاف جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي اليڪشن ڪميشن لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس سان ڳالهيون ڇو نه ڪيون، آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪنهن جج سان ملاقات نٿي ڪري سگهجي، ملاقات ڪرڻ ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟، ٻئي آئيني ادارا آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ئي تڪراري ڇو هوندي آهي؟، اوهان ماڻهو اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا، ايوان صدر ۾ وڃڻ تي اتفاق ٿيو ته اليڪشن ڪميشن بلڪل سامهون آهي، اليڪشن ڪميشن ڪيئن صدارتي آرڊيننس ٺاهي رهي آهي؟، هي ته پارليامينٽ جي توهين هوندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو اليڪشن ڪرائڻ سندن ذميواري آهي، هائيڪورٽ پري آهي، اوهان ڪيئن چئي رهيا آهيو ته صدارتي آرڊيننس آڻي سگهو ٿا؟، ڇا هي قانون آهي؟. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته هن قانون ناهي ٺاهيو، هو جنرل ڳالهه کان وڌيڪ نٿو ڪري سگهي، آرڊيننس جو دفاع نه ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ذميواري سندس آهي، پنهنجي ڪمزوري کي سبب نه بڻايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرڊيننس کي چئلينج ناهي ڪيو؟، جنهن تي پي ٽي آءِ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته آرڊيننس کي لاهور ۽ اسلام آباد هائيڪورٽس ۾ چئلينج ڪيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته مختلف هائيڪورٽس ڇو؟، آرڊيننس ته سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو، اليڪشن ٽربيونل لاءِ آئين ڇا ٿو چئي؟، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، هو قانون جي حفاظٽ ڪندا آهن، جنهن جو ڪم آهي کيس ڪرڻ ڏنو وڃي، هڪ گڏجاڻي ۾ ويهي سڀ ڪجهه طئي ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ناهي ٿيو، ان لاءِ ان تي نوٽيس نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ڪجهه پسند ناهي ايندو ته قانون تبديل ڪيو ويندو آهي، جڏهن پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ته آرڊيننس پارليامينٽ جي توهين آهي. وڪيل سڪندر بشير چيو ته آرڊيننس قانوني آهي ڇو ته آئين اجازت ڏئي ٿو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرڊيننس جاري ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندا، جيڪڏهن پارليامينٽ قانون تبديل ڪيو هو ته ان کي آرڊيننس ذريعي واپس آندو ويو، آرڊيننس آڻڻ جي ڪهڙي ايمرجنسي هئي؟. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عدليه تي وڌيڪ بار ٿيڻ سبب آرڊيننس آندو ويو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خالي سيٽون ڀرڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟. وڪيل سڪندر بشير چيو ته لاهور هائيڪورٽ جي ججن جو انگ 60 آهي جڏهن ته 40 ڪم ڪري رهيا آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ٽربيونل جي ججن جي مقرري ڪنهن جو اختيار آهي؟، سندس معاملو سامهون آهي ته ججن جي مقرري ڪير ڪري سگهي ٿو؟، آئين ڇا ٿو چئي؟. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سٺي قانون جي تشريح جي ضرورت ناهي، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ۽ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، آئين موجب ٽربيونل ٺاهڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو قانون موجب آهي؟ جنهن تي وڪيل سڪندر بشير چيو ته فيصلو قانون موجب آهي پر هو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪندي معاملو لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو………..

ميرپور ماٿيلي جي عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

0
ميرپور ماٿيلي جي عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي دھشتگردي ٽورڙ عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي گهر ڪئي. جاچ آفيسر ذوالفقار مهر چيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جاچ آفيسر، فريادي ۽ جوابدار جي وڪيلن جا بيان ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ فريادي پٺاڻي گڏاڻي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فريادي ۽  شاهدن جي جان کي خطرو آهي. عدالت فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي ۽ شاهدن جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته سموري دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏني پئي وڃي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. انڊسٽري نمائندي چيو ته جوسز تي ايف اي ڊي 20 سيڪڙو آهي ۽ 18 سيڪڙو جي ايس ٽي آهي، ٽيڪس سبب سندن وڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته هي ٽيڪس گذريل سال فنانس بل ۾ لڳائي وئي هئي، نئين مالي سال جي فنانس بل ۾ هي ٽيڪس ناهي لڳائي وئي. سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جيڪڏهن هي نئين مالي سال ۾ فنانس بل ۾ ناهي ته هن تي ڳالهائڻ اجايو آهي، هو آئيني طور تي هن بابت ڳالهائي نٿا سگهن. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته بجيٽ بعد انڊسٽري جا نمائيندا اچن ۽ بريفنگ ڏين. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته سموري دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏني پئي وڃي، ڇهن مهينن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي شپمينٽ پهتي آهي ته کيس خبر ئي ناهي، پاليسي ٺاهي جڏهن هن تي نظرثاني ڪئي وڃي ته مسئلن ۾ اضافو ٿيندو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ڏيڍ ڪروڙ رپين کان مٿي جي گاڏي تي 25 سيڪڙو لڳائي وئي آهي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته ٽيڪس ۽ پاليسين ۾ تبديلي سبب ڪوبه هن ملڪ ۾ انڊسٽري نٿو لڳائي. ايف بي آر اختيارين چيو ته ٻاهران گهرايل گاڏين تي ٽيڪس لڳائي آهي، مقامي طور تي تيار ٿيل گاڏين تي ٽيڪس ناهي لڳائي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته هي سندس ڪاروبار آهي، کيس خبر آهي ته ڪير گاڏين تي ٽيڪس لڳرائي رهيو آهي، مجبور نه ڪيو ته هو عوام کي ٻڌائيندو. ڪميٽي معاملي کي ملتوي ڪري ڇڏيو…..

شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت شهرين کي غير منصفاڻي ڀاڙن کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي، موڪلن بعد واپسي تي ڪنهن به مسافر کي اضافي ڀاڙو ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽرانسپورٽ کاتي موجب، مهم سڄي صوبي ۽ ملڪ جي مختلف هنڌن کان مسافرن جي واپسي دوران جاري رهندي، مهم ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، ٽريفڪ پوليس، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس مدد ڪندا. ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته مهم جو مقصد موڪلن بعد واپسي تي مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول نه ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، واڌو ڀاڙو اوڳاڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي غير منصفاڻي ڀاڙن کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي، موڪلن بعد واپسي تي ڪنهن به مسافر کي اضافي ڀاڙو ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ سندن گڏيل ڪوششون مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائينديون.

پيپلزپارٽي سنڌ، سڀاڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جون تقريبون صوبي جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪوٺائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
پيپلزپارٽي سنڌ، سڀاڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جون تقريبون صوبي جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪوٺائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته سالگره جو ڪراچي ڊويزن سطح جو جلسو لياري ۾ ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو. جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي سڀاڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه سنڌ جي هر ضلعي ۾ ملهائيندي. سندس چوڻ هو ته سالگره جو ڪراچي ڊويزن سطح جو جلسو سڀاڻي لياري جي علائقي چاڪيواڙه ۾ ٿيندو، پ پ ضلعي صدر، ٻيا عهديدار ۽ پارٽي ڪارڪن پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي سالگره جون تقريبون ڪوٺائيندا. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سالگره تقريبن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا ۽ شهيد راڻي کي جمهوريت، ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته هر ضلعي ۾ ٿيندڙ سالگرهه تقريب ۾ ضلعي، تعلقي، يوسيز، وارڊ سطح جا سمورا پارٽي عهديدار ۽ مڪاني نمائندا شرڪت ڪندا، ملڪ ۾ جمهوريت شهيد راڻي جي قربانين سان قائم آهي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آئين، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي حق حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪئي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهيد بي بي جي ويزن تحت اڳتي وڌي رهي آهي. نثار کهڙي چيو ته پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ، ارڙهين ترميم، صوبائي خودمختاري ۽ صوبن کي مالي مستحڪم بڻائڻ جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو.

سڄي سنڌ ۾ ڏوهن تي ضابطو آندو ويندو، شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي : مراد علي شاهه

0
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سال گهوٽڪي ۾ پنج جوان شهيد ڪيا ويا هئا، اربع ڏينهن اهلڪارن جا قاتل مقابلي ۾ ماريا ويا آهن، سڄي سنڌ ۾ ڏوهن تي ضابطو آندو ويندو، شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، ماضي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي دهشتگردي جا واقعا ٿيا هئا، امن امان کي برقرار رکڻ پيپلزپارٽي جي پهرين ترجيح آهي، سنڌ جي 40 ٽول پلازه تي نگراني جو جديد نظام لڳايو ويو آهي، ڏوهن کي روڪڻ لاءِ جديد نظام اهم ڪردار ادا ڪندو، 400 جديد ڪيمرائن جي مدد سان روڊن جي نگراني ڪئي ويندي، منصوبي جو نالو سنڌ سمارٽ سرويلنس رکيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سمارٽ سرويلنس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، امن امان جو قيام پيپلز پارٽي جي پهرين ترجيح آهي، ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال سندن قائد بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ايس فور لاءِ لڳ ڀڳ هڪ ڏهائي پنج بلين رپيا مختص ڪيا آهن، سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم ايس فور جديد ۽ ماڊرن ٽيڪنيڪس جو هڪ مجموعو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي سمورن 40 ٽول پلازه تي لڳل ڪيمرائون چهري جي سڃاڻپ ۽ آٽو ميٽڊ نمبر پليٽ چيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن چيو ته هن سسٽم ۾ ڪيمرائن جي لائيو فيڊ جو هڪ سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ موجود سرور ذريعي جائزو ورتو ويندو، جيڪي چوري ٿيل گاڏين ۽ ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ماڻهن جي ڊيٽا جي فوري طور سڃاڻپ ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال وقت جي گهرج آهي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ڏوهن جي نئين چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، هن نظام جي ذريعي پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام جو اعتماد بحال ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته هن سان نه رڳو ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ڏوهن جي دنيا سان لاڳاپيل ماڻهن، ٽولن ۽ ڏوهارين کي به ڏوهه ڪرڻ کان اڳ ئي روڪڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن سسٽم کي ڊيزائننگ ۽ لڳائڻ ۾ نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن ڪارپوريشن جو اهم ڪردار آهي، هو هن نظام جي ڪاميابي تي سڄي سنڌ پوليس کي مبارڪ پيش ڪن ٿا، اميد آهي ته هن نظام کي ڏوهن خلاف هڪ اثرائتي اوزار طور استعمال ڪري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته ڏوهاري دٻاءَ جو شڪار ۽ عجيب حرڪتون ڪري رهيا آهن، هو هاڻي کين ڀڄڻ نه ڏيندا، ڪراچيءَ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن کي ماريو ويو آهي، سانگهڙ ۾ ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍيندڙ سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، ڏاچيءَ جي مالڪ کي قتل ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن، هٿ سان پنهنجي معاشري ۾  بگاڙ پيدا نه ڪرڻ گهرجي.
Exit mobile version