- Advertisement -
پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هئي، بلڪه اليڪشن ڪميشن ان معاملي ۾ ڌر ئي نه ٿو ٺهي.
داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته ٻين سياسي پارٽين جي ابتڙ پي ٽي آءِ خلاف متڀيد وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان واپس وٺندي شاهدين کي نظر ۾ نه رکيو، شاهدين بنا فيصلو ڪري چونڊ نشان کسيو ويو.
پي ٽي آءِ جي درخواست م چيو ويو ته پشاور هائيڪورٽ به فيصلو ڪندي حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو، هائيڪورٽ جو فيصلو غير قانوني آهي….- Advertisement -
